ساڌنا شوداساڻي

ساڌنا شوداساڻي

ساڌنا شوداساڻي

ساڌنا شوداساڻي: هندي فلمن جي نامور سنڌي اداڪاره ساڌنا شوداساڻيءَ جو جنم حيدرآباد، سنڌ ۾، 2 سيپٽمبر 1941ع تي ٿيو. سندس وڏا اڳتي هلي ڪراچيءَ وڃي رهيا. ورهاڱي سبب سندس خاندان سنڌ ڇڏي ڀارت ۾ پهرين اتر پرديش ۾ رهيو ۽ پوءِ 1950ع ڌاري بمبئيءَ ۾ رهائش اختيار ڪئي، جتي 1957ع ڌاري هن مئٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪئي ۽ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ جئه هند ڪاليج بمبئيءَ ۾داخلا ورتي. هن پندرهن سالن جي عمر ۾ ڪاليج جي زماني ۾ شري 420 (1955ع) فلم جي گاني ’ايچڪ دانا، بيچڪ دانا‘ تي صداڪاري ڪئي هئي. مشهور اداڪار هري شوداساڻي سندس چاچو ۽ ناليواري سنڌ ڄائي فلمي اداڪاره ببيتا سندس سوٽ هئي. گھريلو ماحول سبب اداڪاريءَ جو شوق منجھس ننڍي هوندي کان ئي هو. هن باقاعدي 1958ع ڌاري فلمي دنيا ۾ پير پاتو. سندس پهرين فلم ’اباڻا‘ هئي، جيڪا اڄ به سنڌيءَ جي مقبول ترين فلم سڏي وڃي ٿي. سنڌي فلم ’اباڻا‘ کانپوءِ هن 1960ع ڌاري هندي/ اردو فلم ’لَوِ اِن شملا‘ ۾ ڪم ڪيو، جيڪا هن جي پهرين هندي/ اردو فلم هئي، جنهن ۾ هن هڪ ڳوٺاڻي ڇوڪريءَ جو ڪردار ادا ڪيو. سندس اها فلم 1960ع جي سڀ کان بهترين فلم قرار ڏني وئي. فلم جي ڪاميابيءَ کانپوءِ فلماليا طرفان ساڻس ٽن سالن جو معاهدو ڪيو ويو ۽ سندس شمار هندستان جي چند بهترين اداڪارائن ۾ ٿيڻ لڳو. 1961ع ۾ سندس ٻي فلم ’هم دونون‘ به تمام مقبول ٿي. ان ئي دوران جئه مکرجيءَ سان گڏ ’ايڪ ٿا مسافر، ايڪ ٿي حسينا‘ ۾ ڪم ڪيائين، سندس اها فلم پڻ ڪافي مقبول ٿي. 1960ع کان 1970ع جي وچ واري عرصي ۾ هن کي بالي ووڊ جي پهرئين نمبر جي اداڪاره جو درجو مليو. ان کانپوءِ سندس ڪيتريون ئي فلمون ان وقت باڪس آفيس تي سپر هٽ ٿيون، جن مان: ’ميري مـحـبـوب‘ (1963ع، جنهن نيشنل ۽ فلم فيئر اوارڊ کنيو)، ’وه ڪون ٿي‘ (1964ع)، ’وقت‘ (1965ع)، ’ميرا سايه‘ (1966ع)، ’انيتا‘ (1967ع) باڪس آفيس تي سپر هٽ ثابت ٿيون. سندس رقص تي مبني ’لگ جا گلي‘، ’نينا برسي‘، ’جھمڪا گرا ري‘ وغيره سدا حيات فلمي گيت آهن، جن ۾ هن ناچ جا ڪلاسيڪل انگ آندا. ساڌنا کي اداڪاريءَ سان گڏ رقص تي به ملڪو حاصل هو. فلمي دنيا ۾ اچڻ بعد ساڌنا پنهنجي وارن جي خاص انداز سبب به مشهور ٿي، سندس وارن جو اهو انداز ’ساڌنا ڪٽ‘ جي نالي سان مشهور ٿيو. 1961ع ڌاري ٺهيل سندس فلم ’هم دونون‘ بليڪ ائنڊ وائيٽ هئي، جنهن کي تازو، 2011ع ۾، رنگين فلمائي ٻيهر رليز ڪيو ويو آهي. سندس انهن فلمن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو، جن ۾ هن اداڪاري ڪئي: (1) شري 420 (1955ع)، (2) پريم پتر (1962ع)، (3) مند مانگي (1962ع)، (4) ايڪ مسافر، ايڪ حسينا (1962ع)، (5) اصلي نقلي (1962ع)، (6) ميري محبوب (1963ع)، (7) وو ڪون ٿي (1964ع)، (8) راجڪمار (1964ع)، (9) وقت (1965ع)، آرزو (1965ع)، (10) ميرا سايه (1966ع)، (11) گبن (1966ع)، (12) بدتميز (1966ع)، (13) انيتا (1967ع)، (14) استري (اُوڙيا زبان ۾: 1968ع)، (15) ايڪ ڦول، دو مالهي (1969ع)، (16) عشق پر زور نهين (1970ع)، (17) آپ آئي بهار آئي(1971ع)، (18) دل، دولت، دنيا (1972ع)، (19) هم سب چور هين (1973ع)، (20) گيتا ميرا نام (1974ع)، (21) ڇوٽي سرڪار (1974ع)، (22) وندنا (1974ع)، (23) امانت (1975ع)، (24) محفل (1978ع)، (25) نفرت (1987ع)، (26) آخري نشاني (1988ع)، (27) الفت ڪي نئي منزلين (1994ع) رليز ٿيون. ساڌنا شوداساڻيءَ ان وقت جي مشهور اداڪارن: ديوَ آنند، جئه مکرجي ۽ ٻين سان اداڪاري ڪئي. وچ ۾ سندس طبيعت ناساز ٿي پئي ۽ ڪيترو عرصو بوسٽن اسپتال آمريڪا ۾ زير علاج رهي ۽ 1969ع ڌاري واپس هندستان آئي. 1989ع ڌاري هن ۽ سندس مڙس هڪ پراڊڪشن ڪمپني قائم ڪئي. ان دوران هن هڪ فلم جي ڊائريڪشن پڻ ڏني. سندس شادي’لوِ اِن شملا‘ فلم جي سيٽ تي ساڻس ڪم ڪندڙ ڊائريڪٽر رام ڪرشنا سان 1966ع ۾ ٿي، جنهن مان کيس ڪو اولاد نه ٿيو. ساڌنا کي بهترين اداڪاره طور وڏي مشهوري ملي. کيس بهترين اداڪاره طور فلم فيئر اوارڊ لاءِ ڪيترا ڀيرا نامزد ڪيو ويو. انٽرنيشنل انڊين فلم اڪيڊميءَ پاران 2002ع ۾ کيس فلمي خدمتن عيوض لائيف ٽائيم اچيومينٽ اوارڊ (وفات کانپوءِ) مليو. آخري عمر ۾ کيس اکين ۽ دم جي بيماري ٿي پئي، جنهن جو علاج پڻ هن بوسٽن اسپتال آمريڪا مان ڪرايو، آخر 1995ع ڌاري وفات ڪيائين. ساڌنا، سنڌي، هندي فلم انڊسٽريءَ جي غير معمولي اداڪاره ٿي گذري آهي. بالي ووڊ جون مشهور فلم اسٽار ڀينرون: ڪرشما ڪپور ۽ ڪرينا ڪپور هن جي سئوٽ بيبيتا جون ڌيئرون آهن. هندستاني فلمن جو هيرو آفتاب شوداساڻي پڻ ساڳيءَ آڪهه سان تعلق رکي ٿو. سنڌ سان وابسته هن خاندان جي نامور اداڪارن کي بين الاقومي شهرت حاصل هئڻ سميت بالي ووڊ فلم انڊسٽريءَ اندر مڃيل حيثيت حاصل رهي.ساڌنا شوداساڻي 25 ڊسمبر 2015ع تي ممبئي (هندستان) ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1941.09.02  عيسوي

هندي فلمن جي نامور سنڌي اداڪاره ساڌنا شوداساڻيءَ جو جنم حيدرآباد، سنڌ ۾، 2 سيپٽمبر 1941ع تي ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

چاڻڪيه
دائود شورو
جمعو فقير
جهان خان ثاني
رحيم بخش بدوي
رميش تلوڪچند جئسنگھاڻي
شاهه محمد گاڏهي بلوچ
نيٻراج سنگهه سوڍو ڀڳت
ڀٽي رشيد
صاحب دولت مائي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون